ڀٽو واھڻ

ڀٽو واھڻ: ڀٽو واھڻ پاڪستان جو تمام آڳاٽو شھر آھي . ھيءُ شھر ماضيءَ ۾ سنڌ ۾ قلعي بند شھر ھو . جنھن کي ” ڀاٽيا “ به چئبو هو . ھيءُ شھر ھن وقت صادق آباد کان 9 ميل اتر طرف پنجاب ۾ آھي . ھن شهر جو ذڪر چچ نامي ۾ به اچي ٿو ، ڇو ته ان وقت برھمڻ راجائن جي وچ ۾ ڪيئي جھيڙا ٿيا ھئا . ڀٽا واھڻ جيئن ته قلعي بند شھر ھو ، گڏوگڏ ان جي جاگرافيائي بيھڪ به اھم ھئي ، ان ڪري هي شهر وڏي اھميت رکندو هو . ھن شهر کي ابتدا ۾ ’ڀٽي واھڻ ‘ سڏيو ويندو ھو ، پر جيئن ان جو ذڪر ڀٽن جي تاريخ ۾ به اچي ٿو ، ان ڪري اڳتي هلي ’ڀٽا واهڻ ‘ سڏيو ويو . ان تاريخ موجب ھن شھر کي راجا ڀٽيءَ اڏايو ھو . اهو ٻي صدي عيسويءَ جو دور هو . 712ع ۾ محمد بن قاسم اروڙ ڇڏي پھرين ڀاٽيا قلعي تي قبضو ڪيو ھو ۽ ان کان پوءِ جنھن به ڌارئي سنڌ تي حملو ڪيو هو ، ان ھن قلعي واري شھر تي ضرور قبضو ڪيو ، ڇاڪاڻ ته جاگرافيائي لحاظ سان ھي سنڌو درياهه جي ٻن شاخن جي وچ ۾ موجود رهيو آهي ، پر جڏھن سنڌو درياهه جو رخ تبديل ٿي ويو ته ھيءُ شھر به ڦٽي ويو . ھاڻي هڪ ننڍي شھر جي صورت ۾ موجود آهي .


لفظ ڀٽو واھڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو